تيز بندر

تيز بندر: هن وقت هي بندر ايران جي ماتحت آهي. تيز بندر چهه بار کان 9 ميلن جي پنڌ تي بلوچستان ۾ آهي. هي ’دڙمل‘ مڪران پاسي جو قديم بندر آهي. ايراني نار کان پوءِ ’تيز‘ بلوچستان جو پهريون بندر هو. ياقوت حموي ۽ ابن حوقل هن بندر جو پهرين صدي هجريءَ کان ٽين صدي هجريءَ تائين اوج ڏَسيو آهي. عيسوي ڏهين صديءَ تائين تيز بلوچستان ۾، ديبل سنڌ ۾، کنڀات، سوباره، جيسور، ٿاڻو، گجرات ۾، ميلبار، مدراس ۾، ۽ ڪوالم ملئي جا بندر برک هئا. هندستان ۽ چين جا جهاز ايراني نار، يمن ۽ حبش ڏانهن ويندي هتان لنگهندا هئا. ان ڪري هي بندر واپار جو مرڪز هو. کجور ۽ گهوڙا، ديبل ۽ ڪارو منڊل جي بندرن تائين هتان ويندا هئا. هندستان، سنڌ، زنجبار، يمن ۽ فارس جون شيون هتي ملي سگهنديون هيون. عرب جاگرافي دان ۽ سياح سنڌ ۽ گجرات کي گڏي سنڌ شمار ڪندا هئا. بلوچستان کي هنن ڌار ملڪ ڪري ڏيکاريو آهي. عيسوي ڏهين صديءَ کان پوءِ ڪرمان جي بندر هرنر ٻيٽ کي گهڻي اهميت حاصل ٿي ۽ ”تيز بندر“ جو اوج گهٽيو .


لفظ تيز بندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو